چهرا چنڊ گلاب جهڙا

چهرا چنڊ گلاب جهڙا (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري شاعر ذوالفقار سيال جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جيڪو غزلن ۽ گيتن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۽ ليکڪ جو مختصر تعارف نامور سياح ۽ اديب الطاف شيخ لکيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي فن ۽ شخصيت بابت سنڌ ۽ هند جي ڪيترن اديبن، موسيقارن ۽ فنڪارن جا مختصر رايا به هن ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن. هن مجموعي ۾ ذوالفقار سيال جي 1981ع کان 2003ع تائين شاعري شامل آهي، جن مان شاعريءَ جا اهي اسم، جيڪي فنڪارن ڳايا آهن، تن جا نالا ڏنا ويا آهن. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، چانڊوڪي پبليڪيشن ڪـراچـيءَ، جـولاءِ 2003ع ۾ ڇـپيـو آهـي. پـڪـي جـلـد سان ڊيمي سائيز جي 360 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي ان جي قيمت 150 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو